ساتيرا سانتيرا

ساتيرا سانتيرا

ساتيرا سانتيرا

ساتيرا/ سانتيرا: ستن تارن واري نکٽ کي ’ساتيرا/ سانتيرا‘ چئبو آهي. هي ستن تارن جو ميڙ يا نکٽ هميشه اتر طرف هوندو آهي ۽ وهائو تاري/ قطب تاري يا ڌرو تاري جي چوڌاري ڦرندا آهن. ساتيرا، هندن جي عقيدي موجب راجا دروپد جا نوڪر چاڪر سمجهيا ويندا آهن.
ساتيرا، ڌرُو تاري جي اوڀر طرف گڏجي مڌم روشنيءَ جي صورت ۾ ڏسبا آهن، جن کي ’ستي انوشيا‘ به چئبو آهي. هندن جي ڌرم موجب هيءَ ناري ’پتي ورتا‘، ’ستي‘ (سچي) ۽ ’پتي ڌرم‘ تي هلندڙ هئي. سيتا، ستي، لڪشمي، پاروتي ۽ ڪيترين ديوين جي ڪردار وانگر ستي انوشيا جو ڪردار به تمام مهان هو، جنهنڪري کيس ايشور جو وردان حاصل ٿيو ۽ تاري وانگر چمڪي پئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو